اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضرورت ج??ن شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جاري ڪري ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ ۾ قائم 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي رليف پئڪيج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ج??د غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪ??دي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جو?? بنيادي ضرورت ج??ن شيون حاصل ڪري سگهندا.