لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ م??ڊيا جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪند?? چيو ??هي ته ايڊورٽائيزنگ ۽ م??ڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ م??زوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد ??هي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيتر??ن ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ايڊورٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ايڊورٽائيزنگ ايڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.