اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پن??نجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته توهان پن??نجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪشمير جي عوام ک?? وڌ کان وڌ ريليف ملي. پاڪستانين جي دل پن??نجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ??ري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پارٽي ک?? وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام سان پن??نجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.