اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ ال??لي??ه ٽيليفون ڪي?? ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪي??. هن پاڪستان جي بحرين سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪي?? ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪي??. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو ش??هه حمد بن عيسيٰ ال??لي??ه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻ??ي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.