اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تريپوره ۾ انتهاپسند هندوئن پاران مسلمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ۽ دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪئي آهي. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي شهر تريپوره ۾ مسجدن جي بيحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته اهي حملا گذريل ڪجهه هفتن کان جار?? آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو مسلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي تحفظ ۾ نا??ام ره?? آهي پر مقامي مسلم تنظيمن کي مدد جي فراهمي ۾ به غير ذميدار رهي آهي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو توا جي رڪارڊ 2002ع ۾ گجرات ک??ن وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي تائين مسلمانن جي قتل عام ۽ منظم انساني حقن جي خلاف ورزين سان ڀري پئي آهي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آه??، جيڪا انتهائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آه?? ته آسام ۾ مسلمانن جي انهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن مان ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻي بي دخلي جو سلسلو جار?? آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف حملن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي حفاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي عبادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.