اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪين??ر موذي مرض آهي هر سال هزارين عورتون وقت سر سڃاڻپ ۽ آگاهي نه هجڻ جي ڪري پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي وي??نديون آهن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ??ه ان مرض جي علامت جي باري ۾ ڄاڻين. ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي مهم جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڇاتي يا ان جي پاسي ۾ ڦرڙي يا ڪنهن به قسم جي غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ فو??ن سان ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، بيگم ثمينه علوي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ??ه اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته صحتمند زندگي لاءِ وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي.