گڏيل قو??ون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ ريا??ت ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منش??ات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قو??ن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي ب??ادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد ??ي فراهمي لاءِ عالمي ب??ادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.