اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تي??ري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي و??ري وفاقي وزير شوڪت ترين ??نه??جي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪستان ??نه??جي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پروگرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي و??ري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو پروگرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ ??نه??جي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي و??ري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام غريب ۽ ڪمز??ر طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميو??ري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت ??نه??جو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پروگرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان پروگرام سان ڳنڍيو ويندو.