اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻن??ي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻن??ي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نو??يت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ??ين??ڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شا??دار ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻن??ي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .