اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن وزيراعظم عم??ان خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دو??ان وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ ??ور ڏنو. وزيراعظم عم??ان خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ ??ي پڻ ??تفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان پا??ان ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.