اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن اڄ جمعي ڏينهن رشڪئي ترجيحي خص??صي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب چائنه جي انٽرپرائيز ”سينچري اسٽيل پرائيويٽ لميٽيڊ“ جي 366 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعميرات جو اڄ آغاز ٿي رهيو آهي. رشڪئي ترجيحي خص??صي اڪنامڪ زون چائنه پاڪست??ن اقتصادي لنگهه ڪلسٽر جو هڪ حصو آهي جيڪو صوبي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ج?? حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پاڪستان ۽ چائنه سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ۽ چائنه پاڪست??ن اقتصادي لنگهه کي بي آر آءِ جي هڪ عالمي معيار جو مظهر ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، رشڪئي ترجيح خص??صي اڪنامڪ زون چائنه پاڪست??ن اقتصادي لنگهه فريم ورڪ تحت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ خيبرپختونخوا زون ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (ڪي پي اي ز??ڊ ڊي ايم سي) جو فلينگ شپ منصوبو آهي.