اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان جي لاءِ ??ڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ ??عميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اف??ان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌ?? جو واحد رستو آهي، اف??انستان ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اف??انستان جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ اف??انستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن اف??ان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اف??ان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌ?? جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته اف??انستان کانپوءِ پاڪستان، اف??انستان ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪا?? جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. اف??ان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بين الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ اف??ان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.