اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، برطانوي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر معظم خان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هتي ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪر??، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ برطانوي ڪمپنين کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول ط??ف متوجهه ڪرڻ جي ضرورت ??هي ته جيئن برطانوي سيڙپڪار دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهن.