لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهن کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پريس ونگ م??جب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين ج??ائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشا?? مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي به فون ڪيو ۽ عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستا??ي قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي. پاڪستا??ي قوم پنهنجي سرحدن تي موجود محافظن ج?? ڪري امن ۽ سڪون سان عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان بهادر ۽ فرض شناس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.