اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلڪي جنگي جهاز هرجيٽ جي پهري?? ڪامياب اڏام تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ ت??ام وڏي ڪاميابي آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي هلڪي جنگي جهاز هرجيٽ جي پهري?? ڪامياب اڏام تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ ت??ام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته هو ٽي ايف – ايڪس پراجيڪٽ ۾ ڀائر ترڪيه جي وڌيڪ ڪاميابي جو خواهشمند آهي.