اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اس??ائيلي فوج جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مسلمان?? جي مقدس ترين جاين مان هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آه??. پ??ڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذمت آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اس??ائيلي قابض فوج پاران مسجد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ هڪ معمول بڻجي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسطيني عوام جي مذهبي آزادي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمان?? جي مذهبي جذب?? جي پڻ توهين آهي. ??رج??ان موجب فلسطينين جي خ??اف اس??ائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌاڌنڌ اس??عمال سمورن انساني ۽ انساني حق?? جي اصولن ۽ قانونن جي خ??اف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اس??ائيل رمضا?? جي تقدس جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي تازي واعدي تان پٺتي هٽي ويو آه??. پ??ڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو اس??ائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو، اس??ن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ۽ منصفاڻي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا.