اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر برطانيا جي ترقي واري وزير اينڊريو مچل ۽ برطانوي ف??رن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل جيو پوليٽڪس ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ کانسواءِ ڪامن ويلٿ ۾ گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏج?? ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو.