اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي سڃ??ڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ ??ادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن آف پاسپورٽ آفيس ۽ وسيلا شيئر ڪن ت?? جيئن قومي خزاني تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ شهرين جي لاءِ سڃ??ڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهرين جي لاءِ سڃ??ڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. نادرا جي مرڪز ۾ پاسپورٽ آفيس جا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن ۽ ڪفايت شعاري ۽ بچت کي نظر ۾ رکندي نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جي جڳهه ۽ وسيلا شيئر ڪن ت?? جيئن قومي ناڻي تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم شهرين کي سڃ??ڻپ ڪارڊ جي سروس، انهن جي درن تي مهيا ڪرڻ جي لاءِ ??وبائيل نادرا وينز جو انگ فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم به ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڏيندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهرين کي گهر ويٺي سڃ??ڻپ ڪارڊ جي تجديد جي سهولت لاءِ ??ادرا پاران نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڃ??ڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن هدايت ڪئي ته عام شهرين کي انهن جي گهرن جي درن تي سڃ??ڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي فراهمي جي حوالي سان قدمن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته هر شهري کي ان حوالي سان هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. وزيراعظم حڪم ڏنو ته پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جا جيترا به منصوبا منظور ٿي چڪا آهن اهي نادرا کان اڳ ۾ موجود آفيسن ۾ قائم ٿين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحافين جي سهولت لاءِ ??ادرا هڪ نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي ذريعي گهر ويٺي سڃ??ڻپ ڪارڊ جي تجديد ٿي سگهندي.