رياض – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي درخواست تي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏن?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ??لي عهد کي اپريل 2022ع جي واقعي تي درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ گرفتار پاڪستانين جي آزادي جي درخواست ڪئي هئي. مدينه منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي 8 سال ۽ ٽن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. خواجه لقمان، محمد افضل، غلام محمد کي 8 سال ۽ نس، ارشد ۽ محمد سليم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌا??ي وئي هئي. هڪ ٻئي پاڪستاني طاهر ملڪ کي به ٽي سال قيد ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ هنيو ويو هو. وزيراعظم جي درخواست تي سعودي ??لي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ??سجد نبوي ﷺ ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏن??. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??لي عهد سان ٿورا مڃيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عطا فرمائي.