نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ??ندس پاران ??المي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي ??ي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران ??هو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ??ي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌاي?? ته وزيراعظم شهبا?? شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چي?? ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان ??ذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چي?? ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان ??گاهه ڪيو آهي.