اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل ف??ڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? يورپي يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزير??عظ?? چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چو??ائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل ع??ائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزير??عظ?? يورپي يونين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل ف??ڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.