اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ک??ن آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال ک??ن آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب امارات پاران فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿور?? مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ و??جه?? ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻ??ل، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻ??ل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻ??ل آهن.