اسلام آب??د – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آب??دڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شه??از شريف چيو ته هن اسلام آب??د ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائ??ن کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آب??دڪاري کي يقيني بڻ??ئينداسين.