اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پ??ڪس??ان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنياد?? تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته جاپاني ڪمپنين کي درپيش سمورا مسئلا هڪ هفتي جي اندر حل ڪري کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان جاپاني ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جاپاني وفد کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ لاءِ پ??ڪس??ان جو جلد دورو ڪن، پ??ڪس??ان ۾ جاپاني ڪمپنيون پنهنجي سيڙپڪاري سان ايڪسپورٽ انڊسٽري جي قيام تي ڪم ڪن،ٿر ۾ ڪوئلي، چنيوٽ ۾ لوهه جا ذخيرا، قابل تجد??د توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اهي ملاقات وزيراعظم جي سمورين مقامي ۽ عالمي ڪاروباري ۽ واپاري اسٽيڪ هولڊرز سان بجيٽ جي سلسلي ۾ ملاقاتن جي هڪ ڪڙي آهي، جاپاني وفد ۾ پ??ڪس??ان ۾ جاپان جي سفير ميستو هيرو واڊا، جاپاني ڪمرشل اتاشي ۽ سمورن وڏن صنعتي ۽ واپاري شعبن ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. جاپاني ڪمپنين وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسي?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان کانسواءِ جاپاني ڪمپنين اليڪٽرڪ وهيڪل مينو فيڪچرنگ، فوڊ پراسيسنگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائ??ل سيڪٽر، ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پ??ڪس??ان ۽ جاپان 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته جاپان جي ترقي پوري دنيا لاءِ مثال آهي، پ??ڪس??ان – جاپان تعاون کي فروغ ڏئي پ??ڪس??ان جاپان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهي ٿو.