اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان برطانيه جي هٿياربند فوج جي وز??ر جيمز هيئپي ملاقات ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ يوڪي جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ تاريخي رابطا موجود آهن. وز??راعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ انهانسڊ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ (اي ايس ڊي) سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد ملندي. هن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن ج?? 75 هين سالگرهه جي حوالي سان وز??راعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان کي بهترين انداز ۾ ملهايو ويندو ۽ ان سان ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ نوان موقعا مي??ر ايندا، وز??راعظم افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهمي?? تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني المئي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته 4 ڪروڙ افغانن ج?? ڀلائي ۽ ترقي اهم ترجيح هجڻ گهرجي، يوڪرين ج?? معاملي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وز??راعظم چيو ته جاري تڪرارن سان اسرندڙ ملڪ متاثر ٿيا آهن، هن ان معاملي تي پاڪستان ج?? اصولي موقف جو به ورجاءُ ڪيو، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن ج?? چارٽر ۽ عالمي قانونن موجب ان مسئلي جو سفارتي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري، وز??راعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال واضح ڪندي ڀارت سميت خطي ۾ امن ج?? فروغ لاءِ پاڪستان ج?? عزم جو اظهار ڪيو، وز??راعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن ط??ر تي حل ڪرڻ جي اهمي?? تي زور ڏنو، هن ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم عسڪري توازن برقرار رکن ج?? اهمي?? تي به زور ڏنو، برطانوي وز??ر به ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ج?? ذڪر ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، هن خاص طور تي 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي تناظر ۾ غير ملڪين ج?? نڪرڻ سميت برطانيه سان پاڪستان ج?? تعاون تي پنهنجي حڪومت طرفان ٿورو ادا ڪيو.