راولپنڊ?? – 05 – اپريل (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??اڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي بنياد تي نيپال سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي شعباجاتي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهي ٿو، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ??يو ته خط?? ۾ ??ائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. معزز مهمان علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.