اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏام?? جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي ??ور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي ??ور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابط?? جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستا?? جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستا?? جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستا?? جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي ??قتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي ??نگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستا?? جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي ??ڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي ??ور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحرا?? جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏام?? جي بحالي جي اهميت تي ??ور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي ??تمي شڪل ڏيڻ تي پڻ ??ور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ??زبڪستا?? جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.