اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هي?? سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظ??م جو سربراهه اجلاس ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظ??م جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هي?? سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظ??م جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظ??م جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظ??م جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظ??م جا ميمبر آهن.