اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وف??قي محتسب جي فيصلي جي خ??اف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيواهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته وف??قي محتسب جي فيصلي موجب بيواهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بيواهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ب??قي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪايت ڪندڙ چي?? ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وف??قي محتسب سان رجوع ڪيو، وف??قي محتسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چي?? ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيواهه کي بحالي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ??سڪوز، جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وف??قي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چي?? ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وف??قي محتسب جي فيصلي جي خ??اف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي فيصلي جي خ??اف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.