ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان ??ي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ??ندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ??نڍڻ ن?? گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غ??ر ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ??نڍڻ ن?? گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ??ئي آهي. هن چيو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غ??ر ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان ??ي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ??الهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ??الهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون و??نديون.