اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي ??عبي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمزون جي ماهرن طرفان نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام گهڻا بهترين اثرن پوندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن تباد ليب جي پاليسي ورڪنگ پيرز جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ٽيڪنيڪي شعبي ۾ پاڪستان جي ??رقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي ?? مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قدمن جي ??فارش ڪئي وئي، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ??رقي لاءِ وسيلا تمام ضروري هندا آهن، ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٻارن جي ??عليم سان گڏوگڏ انهن جي ??ربيت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته هو مسلسل مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سميت ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏئي رهيو آهي ڇو ته اهو معلومات جو خزانو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال جيترو دير سان ٿيندو ان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو، پاڪستان ڪجهه وقت ضايع ڪيو آهي تنهن هوندي به هاڻي اسان به ٽيڪنالاجي جي ??عبي ۾ پنهنجي ??لاحيتن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، آءِ ٽي جو شعبو سڄي دنيا ۾ تيزي سان تري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ??عبي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي ??رورت آهي.
هن آن لائن تعليم کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي ??زم کي ورجائيندي چيو ته اهو گهٽ لاڳت جو منصوبو آهي ان سان نوجوانن جي ??اخلا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ??وران آن لائين طريقي سان خدمتون حاصل ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويا، هن چيو ته پاڪستان جا 30 هزار گريجوئيٽس مان 25 هزار ان لاءِ بي روزگار رهندا آهن انهن جي ??عليم مارڪيٽ جي ??رورتن سان هڪجهڙائي نٿي رکي، صدر چيو ته جاپان جي ??ڳوڻي وزيراعظم ان کي پاڪستان ۾ هڪ لک آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون ڏيڻ جي ??اطري ڪرائي هئي پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ ان معيار جا گريجوئيٽس موجود نه آهن، هن چيو ته آءِ ٽي گريجوئيٽس جي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ منتقل نه ٿيڻ گهرجي پر کين ملڪ ۾ رهي ڪمائڻ گهرجي ڇو ته انهن جي ٻاهرين ملڪ منتقلي سان ملڪ انهن تي ڪيل سيڙپڪاري جو نقصان کڻندو.
صدر چيو ته هن اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٽرينرز کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام ش??وع ڪرڻ جو آئيڊيا ڏنو هو پر اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهيو، اها سڀ مجرماني غفلت آهي، هي ملڪ جي مستقبل سان جڙيل آهي. صدر چيو ته هو يونيورسٽن کي انساني وسيلن تي سيڙپڪاري جي ??ار بار تاڪيد ڪندو آهي ته جيئن اعليٰ تعليم جي ??عبي ۾ وڌ کان وڌ داخلا ڪري سگهجن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جديد وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪنهن اضافي ڪيمپس کانسواءِ پنهنجي ??اخلائن کي 40 هزار تائين وڌايو آهي. هن چيو ته حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمازون جي ماهرن جي نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته احساس پروگرام جي ??ريعي مستحق عورتن کي امداد انهن جي ??ئنڪ اڪائونٽس ۾ سڌي سنئين منتقل ڪئي وڃي ته جيئن کين مالي آزادي ۽ پئسي تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿئي، ڊيٽا جي ??حفظ جي ??هميت تي روشني وجهندي صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان کي ڪنهن به شيءَ کان وڌيڪ ترقي ڏئي سگهي ٿي ڇو ته نوجوان چار کان پنج سالن ۾ اربين روپيا ڪمايا آهن جنهن کي روايتي ڪاروبار سان ڪمائڻ لاءِ نسلون گهربل آهن.