اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ??ڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ??يفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ?? عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيرا??ظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي ??يشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.