اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان ج?? عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي ج?? عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن بلوچستان ??ي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان ج?? عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي ج?? عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان بلوچستان جي آبادگارن جي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت جي ترقي کي يقيني بڻائيندو.