اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغانستان جي اندر فيصلي سازي جو اخ??يا?? افغان عوام جو حق آهي. اها ڳ??له?? هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آ??يون، خطي جا ملڪ افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اخ??يا?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان طالبا?? ۽ ??مريڪا کي ڳ??له??ن تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳ??له??ون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو طالبان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ طالبان جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو اخ??يا?? آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان طالبان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي سان اسان جو بنيادي شرط آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويند?? ۽ ??نهن به قيمت تي افغانستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.