اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي ??جل??س ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعل??ٰ عملدار پڻ ??جل??س ۾ شريڪ ٿيا. ??جل??س ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.