اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 60 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 33 فوتگيون وينٽ??لي??رز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾5 هزار 661 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽ??لي??رز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 40 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، گوجرانوالا 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 70، ڪراچي ۾ 63 سيڪڙو، اسڪردو ۾ 49 سيڪڙو ۽ حيدر آباد ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ??ان سنڌ ۾ 21 هزار 759، پنجاب ۾ 20 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 276، اسلام آباد ۾ 4 هزار 179، بلوچستان ۾ 2 هزار 672، گلگت بلتستان ۾ 756، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 724 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ??ان صحتياب ٿيندڙن جو ا??گ 9 لک 52 هزار 616 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽ??لي??ر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽ??لي??رز تي ڪوويڊ 19 جا 404 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ا??گ 77 هز??ر 409 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ا??گ 10 لک 53 هزار 660 آهي جن ??ان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 778، بلوچستان ۾ 30 هزار 880، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 473، اسلام آباد ۾ 89 هزار 117، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 46 هزار 485، پنجاب ۾ 3 لک 60 هزار 494 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 92 هزار 433 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو ا??گ 23 هزار 635 ٿي چڪو آهي.