اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀار??ي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀار??ي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ا??ارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ س?? سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ??يو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ??ير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??ير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي ا??اگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ ??ير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.