اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿ??ار??ند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ت?? خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گه?? رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گه?? رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.