اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته آئين پاڪستان جي آئين تحت هر شهري کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي، رياست جا برابر شهري هجڻ جي ناطي حڪومت اقليتن کي پنهنجون صلاحيتون ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، اسان جون پاليسيون بين العقائد هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي فروغ تي آهن، حڪومت پاڪستان سمورن اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻندي رهندي ۽ برابر ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي. صدر ڪرسمس جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ۽ نئين سال جي مبارڪباد ??يش ڪريان ٿو?? هن چيو ته ڪرسمس پنهنجي پيارن ۾ نعمتون ۽ خوشيون ورهائڻ جو ڏينهن آهي، اڄ اسان حضرت عيسيٰ عه کي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا جيڪو پوري انسانيت لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت آهي?? هن نه رڳو روحاني طور تي بيمار انسانيت کي شفا بخشي پر رواداري، محبت ۽ همدردي جي اعليٰ قدرن جي تلقين به ڪئي?? هن ماڻهن کي نيڪ زندگي گذارڻ ۽ الله جي رحمت حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي?? هن سڀني کي امن، محبت ۽ معافي جو پيغام ڏنو.