اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف جي بيانيي تي (ن) ليگ جي اندر مختلف آواز اٿي رهيا آهن، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين ذاتي مفاد ۽ منافقت واري سياست ڪئي آهي، نواز شريف جو انقلابي پڻو دوغلو ۽ کوکلو آهي، بطور ڏوهاري ۽ اشتهاري نواز شريف کي سياست تي ڀاشن ڏيڻ سونهين نه ٿو، نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان ??ست??يفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙي??َ آهي، مخالف ڌر ميمبر ??ست??يفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا ??ست??مال ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻ??ندي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي تازي بيانيي سان پاڻ انهن جي پارٽي اضطراب جو شڪار آهي، نواز شريف جي بيانيي تي (ن) ليگ جي اندران مختلف آواز اٿي رهيا آهن، (ن) ليگ جيڪا ??حر??ڪ هلائڻ چاهي ٿي اها بي بنياد آهي، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آهي. نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان ??ست??يفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙي??َ آهي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف قانونسازي ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي هي رستن تي اچڻ چاهين ٿا، مخالف ڌر ميمبر ??ست??يفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا ??ست??مال ڪري حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻ??ندي.