اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري چيو آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي ايثار جي جذبي، قرباني ۽ اڻٽر ارادي تي عمل پيرا ٿي سمورين مشڪلاتن کي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، يوم عاشور جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪ?? پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته هي ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ يوم آخرت تي اڻٽر ايمان ??هي، بي مثال تقويٰ، بهادري، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان ??ها??ت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت تائين يا?? رکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي ان ??ظيم قربانين جي يا?? ڏياري ٿو جنهن حق ۽ سچ جي خاطري ڏنيون، هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرباني تعليم، برداشت، قرباني ۽ ??ها??ت جي جذبي جي هڪ لازوال مثال آهن.