اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ن??ڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃ??، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ??جل??س ۾ شريڪ ٿيا.